عطا حسين مير جو محل

عطا حسين مير جو محل

عطا حسين مير جو محل

عطا حسين مير جو محل: مير عطا حسين جو محل، ڪوٽڏجيءَ ۾ ٺهيل آهي. هي سنڌ جي اڏاوت جو بهترين نمونو آهي، جنهن کي ڪيترن ئي وڏن عالمن، تعميرات جي ماهرن ڏٺو آهي ۽ پنهنجا خيالات ڪتاب تي درج ڪيا آهن. هن وقت محل تمام گهڻي مرمت گهري ٿو. چوڌاري گند ڪچرو ۽ ڪلر پکڙجي ويو آهي. محل هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي، جيڪو مير فيض محمد جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ تعمير ٿيو. سڄي عمارت کي چوڌاري ورانڊو ڏنل آهي. هيٺين ماڙ تي ورانڊي کي چوطرف گول ونگن سان، ٻٽن پيل پاون سان کليل لنگهه ڏنل آهن، جن جي مٿان نوڪي ڪنڊن سان وري ونگون ڏنل آهن. اهي ونگون چورس پينل ۾ بند آهن. اندر رهائشي ڪمرا آهن. لنگهن جي مٿان ڪانس ٺهيل آهي، جنهن تي هيٺان ننڍا ڪنگرا ڏنل آهن. ان جي مٿان گول ونگن سان دريون ڏنل آهن. جن تي به جنسار ٿيل آهي.
مهاڙيءَ ۾ چار ونگن ۽ پيل پاون سان لنگهه آهن، جن جي مٿان دريون ۽ وري ڪانس ڏنل آهي. ان جي مٿان ڇت تي گهوڙيون ڏئي ڇاڄو ٺاهيو ويو آهي. گهوڙين تي ٻيڙٻنو ٺاهيو ويو آهي. ٻيڙٻني تي چوڌاري ننڍا ننڍا جنڊا ڏئي ڄاري ٺاهي وئي آهي، انهن جي مٿان 5 کليل دريون اڳيان ۽ هڪ هڪ پاسن کان ڏنل آهي. پاسن کان کليل ورانڊي جي درن مٿان کسي دريون ٺهيل آهن. ان جي مٿان ٻي ماڙ تي به 11 کن دريون آهن، جن مان
2 دريون کليل آهن، جڏهن ته 9 دريون کسي آهن. درين جي مٿان گول ونگن سان جنسار ٿيل آهي. درين واري طبقي جي مٿان به هڪ ٺاٺي وارو جنسار ڪمرو ٺهيل آهي. هن ۾ سنڌي اڏاوت جا سوين انگ رکيل آهن، جن تي باقاعدي ڪو انجنيئر ڪم ڪري سگهي ٿو. عمارت سڄي اڇي چُن سان رڱيل آهي، جڏهن ته ڪانس ۽ ٻين اهڙن وڙن تي جيڪي ٻاهر نڪتل آهن، انهن تي بنفشي رنگ ٿيل آهي. محل اندر ڪمال ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل آهي. اندرئين پاسي ڪاٺ جا شاندار ڪمرا ٺهيل آهن، جن جو رنگ ناسي ڀورو آهي. دروازا گول ونگن سان ۽ مستطيل ونگن ۾ بند آهن. انهيءَ گول ونگ جي اندر ٽي عدد سهڻا گل لڳل آهن، جڏهن ته دروازن جي مٿان ۽ پاسن کان هلڪو رنگ ٿيل آهي. هر دروازي جي مٿان روشن دان ڏنل آهي. اندر ڇت تي نارنگي شاندار فريسڪو (Fresco) ٿيل آهن. هر ڪمري ۾ وڏا شمع دان نما بلب لڳل آهن. هن وقت مالڪ هن جي مرمت کان قاصر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو